ڀلــــــــــــــــــي ڪـــــــري آيــــــــــا

جـيــئــــي ســــــنڌ                  جــيــئــــي لطيــــف

سنڌي شاگرد سٿ جي ويب سائيٽ وِزٽ ڪرڻ تي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار. سنڌي شاگرد سٿ گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي گادي واري شهر ۾ واقعي وڏي ۾ وڏي تعليمي اداري ڪراچي يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڌرتي جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان علم جي روشني سان پُرنور ٿيڻ لاءِ ڪَهي آيل هر سنڌي شاگرد جي هر ممڪن  ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. سنڌي شاگرد سٿ پنهنجي جوهر ۾ انتهائي محبِ وطن، تعليم دوست، امن پسند، سيڪولر، لبرل، غير سياسي ۽ غير مذهبي سٿ آهي
سنڌي شاگرد سٿ، ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ، کين تفريح مهيا ڪرڻ، پاڻ ۾ سماجي رابطو قائم رکڻ ۽ ميل جهول لاءِ وقتاَ بوقتاَ ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام، سيمينار وغيره ڪراندو رهيو آهي
هن وقت تائين، سنڌي شاگرد سٿ شاگردن کي يونيورسٽي جي صورتحال، تعليمي خبرن ۽ پنهنجي پروگرامن بابت، سماجي رابطي جي ويب سائيٽن جي ذريعي آگاه ڪندو رهو آهي. پر ان هوندي به شاگردن کي بهترين نموني آگاه ڪرڻ ۾ کوٽ ۾ محسوس ٿي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته سماجي رابطي جي سائيٽن تي هر وقت مختلف پوسٽون ڪرڻ سان اهميت واري خبر يا ڄاڻ گهڻو پئتي هلي وڃڻ ڪري، ريگليولر يوزرس کان علاوه باقي سڀ بيخبر رڪجي ويندا هئا
ان ڪري سنڌي شاگرد سٿ جي ويب سائيٽ ٺاهڻ جي ضرورت پيش آئي، جتي اسين پنهنجي ماضي مطابق هر ڪا ڄاڻ ڪيٽيگرائيز ڪري، هر هڪ شاگرد کي باآساني هر هڪ اهم ڄاڻ سان باخبر رکي سگهون ٿا
اسان جي هن ننڍڙي ڪاوش بابت اوهان جي راءِ ۽ مثبت موٽ اسان لاءِ همت افزائي جو سبب بڻبي. اُميد ته توهان پاڻ به باخبر رهڻ لاءِ هر هر سائيٽ کي وزٽ ڪندوء ۽ پنهنجي دوستن کي به تاڪيد ڪندوء. مهرباني

 


 

sindhi live tv channels.  
    www.ktntv.tv                                              https://awaztv.tv/  

www.thesindh.tv                             https://www.mehrantv.tv/

 

سنڌ ٽي وي , ڪي ٽي اين,مهراڻ ٽي وي ۽ آواز ٽي وي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ  هرسنڌي لاءِ هڪ ٻيو تعفو  پيش ڪيو آهي اهو آهي انٽر نيٽ تي آن لائين سنڌي چينل. جيڪي اسين ڏسي سگهون ٿا مٿين ويب سائيٽن تي. 
 


تصويرون

/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a999713-362342190578053-1048804759-n-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a1404711-361117480700524-122425192-o-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a1398531-361112614034344-263554869-o-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a1380259-362341283911477-199262968-n-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a564594-362342280578044-411113548-n-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a1383544-362341747244764-1052324007-n-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a230369-503376379684132-1697934435-n-jpg/
/album/%d8%aa%d8%b5%d9%88%d9%8a%d8%b1%d9%88%d9%86/a1391763-380739732071632-141920647-n-jpg/

—————