About Us

سٿ هلندو رهي

دوستو! هڪ بيچيني، فرسوده سماج کان نفرت، معاشري جي بُراين کان بيزاري، پنهنجي ئي ڌرتي جي جلاوطني جو احساس، اُسامه بن لادن ۽ مُلا عمر جي حوارين جي سنڌ ڌرتي تي ظاهري توڙي نفسياتي حملن جو ڊپ، انساني حقن جهڙوڪ: پنهنجي پسند جو کائڻ، پائڻ، ڳالهائڻ، سوچڻ، ڳائڻ، گھمڻ ڦِرڻ، کان وٺي سرتي ۽ ڌرتي سان پريت ڪرڻ تي پابندي. اهڙي ئي انڌير نگري جتي سماج کي سُڌارڻ جو پنهنجو فرض، وقت جي حڪومت هڪ مذهبي جماعت کي ٺيڪي ۾ ڏئي، عوام کي انهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو هجي. جنهن کي ٻين جون بُرايون ۽ بداخلاقيون ته نظر ٿي آيون پر پاڻ ڀَل جيڪو وڻي سو ڪن، پوءِ ڀلي پوري دنيا کي ڪيمپس اندر ريليون ڪڍي ڳاريون ڏين، دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافيه ۽ باعزت ملڪن جا قومي پرچم ساڙين، کين روڊن تي پينٽ ڪري لتاڙين، دنيا جي دهشتگردن ۽ گُنڊن کي هيرو ڪري، سندس لاءِ ڏهاڙا ملهائڻ کان وٺي محبتن جي عالمي ڏينهن کي به نفرتن جو ڏينهن ڪري ملهائن، پر ڪير به کائنس پڇڻ ۽ ڪڇڻ وارو ناهي.
ٻي پاسي ڪالهه ڪالهوڪا اسان جا مهمان ڀائر اسان جي شهر ۾ اسان جي ڌرتي کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جا دڙڪا ڏين. تعليمي سرگرميون سندس ئي رحم و ڪرم سان هلن. سائين جن کي جڏهن وڻين تڏهن ڪلاسون بند ڪرائين ۽ لالو کيت ۾ تيز رفتار گاڏي سان ٽڪرائجي ڪنهن ڪُتي جي مرڻ تي به ڪيترائي ڏينهن يونيورسٽي بند ڪرائين، کين اُها ملڪي آئين ۾ لکي ڏنل کُلي ڇوٽ آهي.
هن ڏاڍن جي ڏيهه ۾ اگر ڪو فقير صفت، لطيف جو شاگرد، محبتن جو پوڄاري آخر ڇا ٿي ڪري سگهيو؟
جيڪڏهن ڪري ٿي سگهيو ته بس ايترو جو پنهنجي ڌرتي جي نوجوان پٽن کي، انهن ڪُڌن جي ڪاري ڪايا کان بچائڻ جي ڪوشش. ان ڪوشش ۾ ڪامياب تڏهن ٿيو جڏهن هن گڏجي هڪ پُر امن سٿ جوڙيو. ٿورڙي ئي عرصي ۾ اهو پنجن ڏهن دوستن تي مشتمل سٿ، انيڪ کاهوڙين جي گڏجڻ سان لطيف جي لفظن ۾ کاهوڙين کير بڻجي وئي.
جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙين کير ري.
انهي سٿ کي سهڙڻ ۾ شروعات ۾ ڪيترن ئي پاڻ ملهايو. ڪيترن جا نالا ڳڻائي ڪيترن جا ڳڻايان. پر آئون صرف انهن مان ڪجهه مٿير ماڻهن ۽ اڏول دوستن جا نالا لکڻ پنهنجو فرض سمجهندس، جن هن سٿ سان توڙ نڀايو ۽ اڻ مندائتي طوفان، نه پر هٿرادو پيدا ڪيل طوفان ۾ هڪ جانباز ۽ بهادر ناکُئي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ٻڏدندڙ نانءُ کي هڪ دفعو ٻيهر پار لنگهايو. انهن ۾ سڀني کان اڳ هيمون جي چٽي تصوير، جنهن اسان ئي ڪڏهن به منجهڻ نه ڏنو، کرو ۽ سڌي ڳالهه ڪندڙ، آدرشي انسان سراج لاکو آهي. ان کان پوءِ جنهن سٿ جي علمدار جو ڪردار نڀايو، هر ڪنهن سان قربائتو ڳالهائيندڙ،سرمد جي گيتن جهڙو مِٺو ۽ شاهه جي وائي ونگر متاثر ڪندڙ ۽ من موهيندڙ اشفاق سبزوئي، ٽيون دوست جنهن کي آئون صرف ڪنور جو گُل چوندس، هو هڪ سر جنهن ۾ بنيادپرستي ۽ رجعت پرستي جو گدلو سيور آهي، اُتي هڪ خوبصورت ۽ نفيس ڪنور جيان، ڌرتي جي سموري سندرتا پاڻ ۾ سمائي ڳاٺ اوچو ڪيو هڪ نرالي انداز ۾ کڙو اياز آهي جنهن تي سٿ کي ناز آهي. انهن دوستن جي سهڻي صحبت ۾ هي ناچيز بندو به سدائين حق جي نعري تي پُر زور آواز ۾ لبيڪ چوندو رهيو آهي. سندس ڇيد مٿهيان دوست ئي ڪري سگهندا. ٻين دوستن ۾ سُرلي آواز وارو، گلاب جي پنکڙين جهڙين ڪومل ۽ مُلائم طبعيت جو مالڪ انعام جتوئي، ماٺيڻو، سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ محمد بخش پيچوهو، پياريون اديون ادي نور فاطمه، ادي نجمه ياسين، ادي سونهن رستماڻي جو ڪردار به قابلِ تحسين آهي. انهن کان علاوه پنهنجي وِت وس آهر هميشه ٻانهن ٻيلي جو ڪردار نڀائيندڙن ۾: محسن خاصخيلي، حسب الله ڦُل، ماجد جروار، معيد ابڙو، شوڪت سومرو، سجاد ظهير، مظهر شاهه، ادي حرا جان خاصخيلي، اسد ڪانڌڙو، نصير جوکيو، ڪامران چاڪراڻي، جرنيل عباس، نويد سومرو، ادي ذويا فتح برفت، ادي نتاشا فتح برفت، ادي مهوش برفت، الطاف ناريجو، امر مصطفيٰ وغيره شامل آهن.
اِهو صرف ۽ صرف اِن جي ڪري ئي ممڪن بڻيو جو هڪ سوچ، ولولو، جوش ۽ پنهنجي ڌرتي، ثقافت ۽ عظيم شناخت سان اڪيچار محبت هئي، جنهن هميشه اسان کي پوري مادرِعلمي ۾ منفرد مقام عطا ڪيو ٿي ۽ هر ڪنهن جي ڌيان جو مرڪز ٿي بڻايو. منفرد بنائڻ جا انيڪ سبب هئا جن ۾ ڪجهه هي آهن:
1. اسان جو سٿ، سڀ کان پهرين ڳالهه، تعليم دوست آهي، جيڪو سمجهندو آهي ته مادرِ علمي اچڻ جو اول مقصد ئي علم ڪري ڪامياب انسان ٿيڻ آهي.
2. سٿ سنڌ ڌرتي جي محبت سان ڳوٺل مٽي مان خلقيل هجڻ ڪري فساد فتني کان گھڻو دور، هڪ پُر امن محبتي جٿو آهي.
3. سنڌ جهڙي عظيم شناخت تي فخر هجڻ ڪري سٿ سطحي سياسي، مذهبي، فرقيواريتي، لساني، ۽ نسلي شناختن کي ٿُڏي، هڪ انسان دوست، سيڪيولر، لبرل ۽ جمهوري دوستن جو فورم آهي.
4. سٿ جا آئيڊيل محمد بن قاسم، اسامه بن لادن، مُلا عمر، مُلا قادر ۽ بالٺاڪري نه پر لطيف، سچل، سامي، ڀڳت ڪنور ۽ شيخ اياز آهن.
5. سٿ مادرعلمي کان ٻاهران ايندڙ ڪاري ڌن تي نه، پر شاگردن کان ٻه پنج روپيه انهن جي رضامندي سان وصول ڪري ان تي هلندڙ يونيورسٽي جو پهريون ۽ واحد شاگردن جو منظم گروپ آهي.
6. يونيورسٽي ۾ ڪرپشن، غيرقانوني ڪم ڪار ڪرائڻ، پيپرن ۾ ڪاپي ڪرائڻ، ايڊميشن واري عمل ۾ رشوت خوري ڪرڻ، نااهل شاگردن کي زور زبردستي سان ناجائز مارڪون وٺي ڏيارڻ يا پيپرن ۾ پاس ڪرائڻ کان وٺي سٿ کي پنهنجي ذاتي مفادن (مثالن ڪنهن شاگردياڻي کي بليڪ ڪري جسماني حوس مٽائڻ وغيره) تائين هر اهڙي ڪُڌي ڪم کان 100 سيڪڙو پاڪ آهي ۽ باقائده اهڙين حرڪتن تي پنهنجي تنظيم ۾ ڪڙي نظر رکندڙ آهي.
7. سطحي خيالن ۽ سوچن کان عاري ۽ پوري سنڌ جي صورتحال ، حالتن، ڏکن سورن ۽ پنهنجي ماروئڙن جي اُهجن کان واقف ۽ باخبر رهندڙ وڏو سوچيندڙ باشعور شاگردن جو ميڙ آهي.
انهن خاصحيتن ۽ اصولن تي هلندي هيل تائين سنڌي شاگرد سٿ مادرِ علمي اندر شاگردن جي ذهني ، نفسياتي ۽ تعليمي نشونما ڪرڻ ۽ کين تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چڪو آهي. جنهن ۾ لڳاتار 3 سال شاگردن جي هفتي دوران وڏي پيماني تي شاندار سنڌ ميلو ملهائڻ، هر سال نون آيل شاگردن لاءِ آجياڻي جي تقريب رچائڻ، سموري سنڌ سان گڏ ڊسمبر ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ، مهاوار تربيتي اسٽيڊي سرڪل، سيمينار يا ورڪ شاپ ڪرائڻ، لطيف جو ڏهاڙو ملهائڻ کان وٺي سنڌ جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ اعوانن ۾ ويٺل حڪومرانن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ يا وري پنهنجي وت وس آهر ڪجهه ڪرڻ ( اِن ڏس ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران 2013 ۾ ٿر جي ڏڪار متاثرن جي واهر ڪرڻ لاٰءِ يونيورسٽي ۾ چندو گڏ ڪري ٿر ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي مفت طبعي امداد ڪئي) وغيره شامل آهن.
اڄ خير سان هن قافلي کي منزل ڏانهن ڪاميابي سان گامزن رهندي لڳ ڀڳ 3 سال گذري چُڪا آهن.
”اڳيان اڏين وٽ، پوئين سر سنڀايا“
لطيف جي هن بيت وانگر انيڪ دوست آئينده لاءِ سٿ جي سرواڻي ڪرڻ ۽ قافلي کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ تيار کڙا هئا. هڪ چونڊيل ڪابينه پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪري، جمهوري طريقي سان چونڊون ڪرائي سٿ جون واڳون نون دوستن کي سوپيون آهن. جيڪي سٿ جي جوت جلائي ويٺا آهن. انهن ۾ معيد ابڙو، اياز ڪمبوهه، الطاف ناريجو، عمران ڏيرو، ماجد جروار، حسبالله ڦل، امر مصطفيٰ، وزير سنڌي، سعيد شر، ادي ذويا فتح برفت، ادي نتاشا فتح برفت، ادي ثنا برفت، ادي پرهه ابڙو وغيره شامل آهن.
مون کي اُميد آهي ته موجوده ڪابينه پنهنجو فرض سچائي ۽ جذبي سان مٿي ڄاڻايل آدرشي اصولن ( جنهن تحت سٿ جُڙيو هو) جي مطابق نڀائيندا رهندا ۽ هر ان طاقت جو ڀرپور نموني مقابلو ڪندا جيڪو انهن اصولن جي اڳيان ايندو ۽ پاڻ به هميشه انهن عظيم اصولن ۽ آدرشن سان سچا رهندا.
”سنڌ سلامت، سٿ سلامت“

لجپت راءِ
شعبو علمِ ڪيميا
ڪراچي يونيورسٽي

 

*** Sindhi Shagird Sath-University Of Karachi ***